راديڪراجي گائکواڙ 19 جولاءِ 1978ع تي پيدا ٿيو ۽ سندس تعلق گجرات جي رياست وانڪنير سان آهي. سندس پيءُ ڊاڪٽر ايم ڪي رنجيت سنگهه جهالا شاهي لقب کي ڇڏي آئي اي ايس آفيسر بڻيو هو
راديڪراجي گائکواڙ کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هو ۽ هن دهلي يونيورسٽي جي مشهور ليڊي شري رام ڪاليج مان هندستاني تاريخ ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ٻه هزار ٻه
ع ۾ راڌيڪراجي گائڪواڊ مهاراج سمرجيت سنگهه گائڪواڊ سان شادي ڪرڻ کان اڳ هوءَ هڪ صحافي طور ڪم ڪندي هئي. سمرجيت سنگهه گائڪواڊ کي 2012 ۾ لڪشمي ولاس پيلس ۾ منعقد روايتي تقريب دوران بڙودا جو تاج سونپيو ويو
گجرات ۾ لڪشمي ولاس پيلس ۾ 170 کان وڌيڪ ڪمرا آهن.جنهن کي 1890ع ۾ مهاراجا سياجيراءِ گائڪواڊ ٽي ٺهرايو هو. جڏهن محل ٺهرايو ويو ته ان جي قيمت هڪ لک اسي هزار برطانوي پائونڊ هو لڪشمي ولاس محل ۾ هڪ گولف ڪورس پڻ آهي
دنيا ۾ سڀ کان وڏي خانگي رهائشگاهه، لڪشمي ولاس محل گجرات ۾ واقع آهي ۽ بڙودا جي گائڪواڊس جي ملڪيت آهي. لڪشمي ولاس محل، بڪنگهم پيلس کان چار ڀيرا وڏو آهي، جيڪو برطانيه جي شاهي خاندان جي رهائشگاهه آهي. بڙودا جي گائڪواڊس ڪنهن زماني ۾ بڙودا جي رياست تي حڪومت ڪندا هئا ۽ اتي جا مقامي ماڻهو اڃا تائين شاهي خاندان جي وڏي عزت ڪندا آهن. ايز رائل هائنيس سمرجيت سنگهه گائڪواڊ، جنهن جي شادي راڌيڪاراجي گائڪواڊ سان ٿي، هن وقت اڳوڻي شاهي خاندان جو سربراهه آهي
هائوسنگ ڊاٽ ڪام جي هڪ رپورٽ موجب، لڪشمي ولاس پيلس 3,04,92,000 اسڪوائر فوٽ جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جڏهن ته بڪنگهم پيلس 828,821 چورس فوٽن تي پکڙيل آهي. مڪيش امباني جي عاليشان ممبئي واري رهائشگاه انٽيليا، جيڪا 15,000 ڪروڙ روپين جي قيمت سان دنيا جو سڀ کان مهانگو گهر آهي،48,780 چورس فوٽ جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي